خيرپورناٿن شاهه (رپورٽ: ارشاد کوسو) خيرپورناٿن شاهه ماڏو پوليس اسٽيشن جي حد جي ڳوٺ بخشو فقير چانڊيو ۾ 30ورهين جي مسمات  صاحبه زال آصف چانڊيو جو پنهنجي گهر مان منهن ۾گولي لڳل لاش هٿ آيو آهي. وارثن جي اطلاع تي ماڏو پوليس پهچي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال کڻائي آئي، اسپتال ۾ موجود عورت جي امڙ مسمات عظيمان چانڊيو ميڊيا کي ٻڌايو ته منهنجي ڌي صاحبه کي پنهنجي سهري امتياز فقير چانڊيو عورتن جي جهيڙي سبب کيس بندوق جو فائر ڪري قتل ڪيو آهي هاڻي امتياز فقير ڳوٺ جي بااثرن پوليس سان ملي ڀڳت قتل کي خودڪشي جو رنگ ڏئي قاتل کي پوليس ۽ بااثر بچائي رهيا آهن هن دانهيو ته امتياز فقير ڌي کي بيگناه قتل ڪيو آهي منهنجي ڌي غريب مسڪين هئي امتياز فقير اسان سان وڏو ظلم ڪيو آهي آئون ڊي آءِ جي حيدرآباد ايس ايس پي دادو کان پرزور مطالبو ٿي ڪريان ڌي جي قاتل امتياز فقير چانڊيو کي فوري طور گرفتار ڪري مٿس قتل جو ڪيس داخل ڪري مونسان انصاف ڪيو وڃي ، رابطي تي ايس ايچ او ماڏو حضور بخش هنڱورو ٻڌايو اسان جاءِ وارڌات تي وياسين جتي عورت جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقا اسپتال کڻائي آيا سين اتي عورت جي معصوم ڌي 11 ورهين جي ڪبره اسان کي ويڊيو بيان ڏنو آهي ته منهنجي امڙ مسمات صاحبه پاڻ کي بندوق جو فائر ڪري پاڻ خودڪشي ڪئي آهي مان گهر ۾ هيس امڙ جذبات ۾ اچي بندوق جو فائر ڪري پاڻ کي ماريو. ايس ايچ او وڌيڪ ٻڌايو ته  واقعي بابت جاچ ڪريون پيا اسان کي ڪنهن به بااثر جو زور ناهي هن چيو ته ڳوٺاڻن کان بيان وٺندا سين جاچ ڪندا سين ڪنهن سان به ناانصافي نه ٿيندي اسان خودڪشي يا قتل طئي نٿا ڪريون جاچ بعد قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي قتل ثابت ٿيو ته ڪيس داخل ڪيو ويندو، هوڏانهن عورت صاحبه چانڊيو جي لاش جو پوسٽ مارٽم ضروري ڪاغذي ڪارروائي بعد لاش امڙ حوالي، ڪيس داخل نه ٿيو.