خيرپورناٿن شاهه/فريد آباد(نمائندن وٽان) خيرپور ناٿن شاهه لڳ ماڏو ٿاڻي جي حد ڪاڇي واري علائقي ڳوٺ ٻانڀڙين ۾ سڱاوتي تڪرار تان سئوٽن هٿان سئوٽ قتل ڪيو ويو آهي. 32 ورهين جي نوجوان نبي بخش ولد حبيب الله چانڊيو کي گوليو هڻي جوابدار قتل ڪري فرار ٿي ويا. مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم ڪرڻ لاءِ خيرپور ناٿن شاه تعلقا اسپتال آندو ويو مقتول جو لاش جو پوسٽ مارٽم ضروري ڪاغذي ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، اسپتال ۾ موجود مقتول جو والد حبيب الله چانڊيو پوليس کي بيان ڏيندي ٻڌايو ته منهنجي پٽ کي اصغر ولد عزيزالله چانڊيو ۽ ٻين جوابدارن بيگناه فائرنگ ڪري قتل ڪري فرار ٿي ويا، هن ٻڌايو ته جوابدار ڌر سان ڪو به مسئلو هلندڙ نه هيو معمولي ڳاله تان جوابدار منهنجي پٽ کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو آهي فوري طور تي جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي هن ٻڌايو ته پٽ منهنجو مال جو واپاري هيو جيڪو گهر جي ٻاهر نڪتو ته جوابدارن فائرنگ ڪري قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن ، اسپتال ۾ موجود ماڏو پوليس اسٽيشن جي ايس ايچ او حضور بخش هنڱورو ٻڌايو ته اسان جاچ ڪئي آهي سڱاوتي تڪرار تان نوجوان کي قتل ڪيو ويو آهي، اسان جاءِ وارڌات پهچي مقتول جو لاش تعلقا اسپتال پوسٽ مارٽم ڪرائيڻ لاء کڻائي آيا سين مقتول جي وارثن کي پوسٽ مارٽم لاء ليٽر ڏنو ضروري ڪاغذي ڪاروائي پوسٽ مارٽم بعد نوجوان جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، سين واقعي بابت وڌيڪ جاچ ڪريون پيا جئين ئي مقتول جا وارث ايندا ڪيس داخل ڪندا سين. هوڏانهن نبي بخش چانڊيو جي قتل ٿي وڃڻ جي اطلاع ملڻ تي ڌرين ۾ ٻيھر ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي ڌريون ھڪ ئي ڳوٺ جون ھجڻ جي ڪري وڌيڪ رتوڇاڻ جو خدشو وڌي ويو آهي جڏهن  ته واقعي جو اطلاع ملڻ باوجود ماڏو پوليس جاءِ واردات تي نه پھچي سگهي هئي.