خيرپور(رپورٽر) خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي ڪچن ملازمن طرفان ڪاليج انتظاميا جي ناجائزين خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڪاليج انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي وئي. احتجاج جي اڳواڻي محمد موريل عباسي، شمشاد چانڊيو، فياض علي شر، مسمات صابره، شاھده خاتون، گلشن خاتون ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته گذريل 10 سالن کان خيرپور ميڊيڪل ڪاليج ۾ ڪچن ملازم طور ڪم ڪري رهيا آهيون انتظاميا اسان سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪندي اسان کي فقط 20 ھزار رپيا ماهوار پگهار ڏئي رھي آھي، هنن چيو ته من پسند ڪچن ملازمن کي انتظاميا 37 ھزار پگهار ڏئي رھي آھي. ھنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي اسان سان ٿيندڙ ناجائزي بند ڪرائي پگهار وڌائي 37 ھزار ڪري ملازمن ۾ ڦھليل بي چيني ختم ڪئي وئي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.