سکر(بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ خيرپور ميديڪل ڪاليج جي ملازمن کي پڪو نه ڪرڻ تي چيف سيڪريٽري سنڌ کان 22 جنوري تي سمري رپورٽ طلب ڪري ورتي. سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي ملازمن کي پڪو نه ڪرڻ تي توھين عدالت واري درخواست تي ايڊيشنل سيڪريٽري حسن ٻگهيو پيش ٿي رپورٽ جمع ڪرائي. عدالت چيف سيڪريٽري سنڌ کان سمري جي رپورٽ ڪال گهرائي ورتي. لکت ۾ آرڊر جاري ڪيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي ٻه رڪني بئنچ جسٽس محمد سليم جيسر ۽ جسٽس ذوالفقار علي سانگي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت ۾ ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ علي رضا بلوچ، سيڪريٽري صحت ريحان بلوچ جي پاران ايڊيشنل سيڪريٽري حسن ٻگهيو، ڊائريڪٽر صحت نديم اشرف جوکيو درخواستگذار وحيد پاتو ۽ واسطيدار پيش ٿيا. ڪيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ جسٽس محمد سليم جيسر ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ ڊائريڪٽر صحت نديم اشرف جوکيو تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پڇاڻو ڪيو ته عدالتي حڪمن تي عمل ڇو ناهي ڪرايو ويو. عدالت ۾ موجود ايڊيشنل سيڪريٽري حسن ٻگهيو ٻڌايو ته صحت کاتي لکت ۾ جواب داخل ڪرايو ته صحت جي وزير سمري چيف سيڪريٽري سنڌ ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي، جنھن جي منظوري سنڌ ڪابينا کان ورتي ويندي. عدالت حڪم ڏنو ته چيف سيڪريٽري کان سمري جي رپورٽ گهرائي وڃي. جسٽس محمد سليم جيسر ريمارڪس ڏنا ته عدالتي حڪمن تي هر صورت ۾ ايندڙ ٻڌڻي 22 جنوري تي عملدرآمد ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي. واضح رهي ته عدالت ۾ پٽيشنر عبدالوحيد پاتو ۽ خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي ملازمن کي پڪو نه ڪرڻ ۽ عدالت جا حڪم نظر انداز ڪرڻ تي توهين عدالت جي درخواست داخل ڪرائي هئي. عدالت گذريل ٻڌڻي تي توهين عدالت جي ڪارروائي ۾ لاڳاپيل آفيسرن تي ڏنڊ يا جيل موڪلڻ جو به چتاءُ ڏنو هيو.