خيرپور (رپورٽر) ميونسپل ڪاميٽي خيرپور جي ملازمن مطالبن جي مڃتا لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي مولوي محمد نواز جماڻي، هوش محمد، ثاقب مسيح، عبدالجبار خاصخيلي ۽ ٻين چيو ته اسان جي پگهارن ۾ 50 سيڪڙو واڌ ڪرڻ بجاءِ 10 سيڪڙو واڌ ڪري زيادتي ڪئي وئي آهي، ملازمن کي مختلف الائونس نه ڏئي جيئڻ جنجال بڻايو ويو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته اسان جي پگهارن ۾ 50 سيڪڙو اضافو ڪري الائونس جاري ڪيا وڃن ته جيئن ملازمن ۾ پکڙيل بيچيني ختم ٿي سگهي.