خيرپور (رپورٽر) ميونسپل ڪاميٽي خيرپور جي ملازمن مطالبن جي مڃتا لاءِ ميونسپل آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ملازمن ثاقب مسيح، فرمان شيخ، جاويد علي شيخ، شاهه محمد ڦلپوٽو، پروين شيخ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته 2 سئو کان وڌيڪ ڪچا ملازم رکيا ويا آهن، جن کي ويزا تي موڪلي ميونسپل جا آفيسر پگهارون هڙپ ڪري رهيا آهن، اهڙي معاملي جو فوري طور تي نوٽيس ورتو وڃي، هنن چيو ته گذريل 14 سالن کان گريجوئيٽي الائونس نٿو ڏنو وڃي ۽ ڪچن ملازمن کي 37 هزار پگهار بجاءِ ڪٽوتي ڪري 13 هزار رپيا ڏنا وڃن ٿا، جيڪا ناجائزي آهي،
هنن تدارڪ ڪرڻ جي گهر ڪئي.