خيرپور (رپورٽر) خيرپور ميونسپل ڪاميٽي مالي سال 2025-26 لاءِ 2 ارب 15 ڪروڙ 69 هزار رپين جي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي. بجيٽ اجلاس جي صدارت ميونسپل ڪاميٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر يار محمد ڦلپوٽو ڪئي، بجيث اجلاس ۾ وائيس چيئرمين منير حسين منگي، چيف آفيسر اقبال حسين شاھ شرڪت ڪئي، بجيٽ ۾ ميونسپل جي آمدني هڪ ارب 72 ڪروڙ 17 لک 7 هزار ڏيکاري وئي، جڏهن ته 42 ڪروڙ 83 لک 52 هزار رپيا خسارو ڏيکاريو ويو، خيرپور ميونسپل ڪميٽي جي بجيٽ ۾ شهري بنيادي سهولتن جي بهتري، صفائي، روڊن جي مرمت، نيڪال، روشني، واٽر سپلاءِ، محرم الحرام ۽ ٻين ڪمن لاءِ خاص رقم مختص ڪئي وئي. بجيٽ ۾ ترجيحي بنيادن تي صفائي سٿرائي، ناڪارا واٽر سپلاءِ نظام جي بحالي، نالين جي صفائي ۽ ڊرينيج نظام جي سڌاري لاءِ فنڊ، اسٽريٽ لائيٽس ۽ روڊن جي مرمت لاءِ خاص فنڊ رکيا ويا. شهري قبرستانن، پارڪن ۽ رستن جي خوبصورتي لاءِ پڻ بجيٽ مختص ڪئي وئي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي ميونسپل چيئرمين ڊاڪٽر يار محمد ڦلپوٽو چيو ته خيرپور شهر جي ترقيءَ لاءِ بجيٽ ۾ حقيقي ضرورتن کي مدنظر رکيو ويو آهي شهرين کي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ انهن لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ اسان جي اولين ترجيح آهي.