خيرپور ميرس(رپورٽر) فيض واهه ۾ ٻن مهينن کان مسلسل پاڻي جي عدم فراهمي سبب کجين، انبن ۽ ڪيلن جا باغ متاثر ٿيڻ لڳا آهن، جنهن ڪري اتان جا آبادگار سخت پريشان آهن، ان حوالي سان متاثر آبادگارن جو چوڻ آهي ته فيض واهه ۾ گذريل ٻن مهينن کان پاڻي ناهي آيو، جنهن ڪري علائقي ۾ بيٺل کجين، انبن ۽ ڪيلن جا باغ سخت متاثر ٿي رهيا آهن، هنن چيو ته پاڻي نه ملڻ ڪري ڦر سڪي رهيو آهي، جنهن سان لکين رپين جي نقصان جو انديشو آهي، آبادگارن جو چوڻ آهي ته جيڪڏھن فيض واهه ۾ پاڻيءَ جي فراهمي يقيني نه بڻائي وئي ته اسان جا باغ سڙي سُڪي تباهه ٿي ويندا ۽ معاشي طور اسان جو وڏو نقصان ٿيندو، آبادگارن موجب اڳ ئي ڪڻڪ جو مناسب ريٽ نه ملڻ ڪري آبادگار طبقو سخت پريشان آهي، ٻئي طرف پاڻيءَ جي کوٽ سبب ٻيو فصل به متاثر ٿي رهيو آهي، آبادگارن لاڳاپيل اختيارين کي اپيل ڪئي آهي ته فيض واهه ۾ پاڻيءَ جي فراهميءَ کي يقيني بڻايو وڃي، جئين بيٺل باغ بچي سگهن.