خيرپور(رپورٽر) خيرپور جي ماڊل ڪورٽ ۾ راڻيپور ٿاڻي جي هڪ منشيات هٿ اچڻ واري ڪيس جي آن لائن ويڊيو لنڪ ذريعي ٻڌڻي، جوابدارن کي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 14- 14 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا، خبر موجب خيرپور ۾ ڪرمنل ٽرائل ماڊل ڪورٽ جي اسپيشل جج علي بخش ٿيٻو جي عدالت ۾ راڻيپور ٿاڻي جي پوليس هٿان گذريل سال ٽي ڪلو هيروئن ۽ پنج ڪلو چرس هٿ اچڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي آن لائن ويڊيو لنڪ ذريعي ٿي، ٻڌڻي دوران جوابدار زبير علي ابڙو ۽ محمد توصيف جمالي کي سينٽرل جيل خيرپور ۾ ڪئميرائن ذريعي عدالت آڏو پيش ڪيو ويو، ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڪيس ۾ جوابدار زبير علي ابڙو مٿان ٽي ڪلو هيروئن هٿ اچڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عدالت کيس 14 سال قيد ۽ پنج لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي، ڏنڊ جي رقم نه ڏيڻ جي صورت ۾ جوابدار هڪ سال وڌيڪ قيد ڀوڳيندو، جڏهن ته جوابدار محمد توصيف جمالي وٽان پنج ڪلو چرس هٿ اچڻ وارو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عدالت ان کي به 14 سال قيد ۽ چار لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي، ڏنڊ جي رقم نه ڏيڻ جي صورت ۾ جوابدار 6 مهينا وڌيڪ قيد ڀوڳيندو.