خيرپور(رپورٽر) خيرپور جي ماڊل ڪورٽ ۾ ٽنڊومستي پوليس هٿان منشيات هٿ اچڻ واري ڪيس جي آن لائن ويڊيو لنڪ ذريعي ٻڌڻي، جوابدار مٿان ڏوهه ثابت ٿيڻ تي کيس 7 سال قيد ۽ هڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا، خبر موجب خيرپور ۾ ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي اسپيشل جج علي بخش ٿيٻو جي عدالت ۾ ٽنڊومستي ٿاڻي جي پوليس هٿان منشيات سميت گرفتار ٿيل جوابدار آصف علي ولد شاهه بيگ خاصخيلي واري ڪيس جي ٻڌڻي آن لائن ويڊيو لنڪ ذريعي ٿي گذري. ٻڌڻي دوران جوابدار آصف علي خاصخيلي کي سينٽرل جيل خيرپور ۾ ويڊيو لنڪ ڪئميرائن ذريعي عدالت آڏو پيش ڪيو ويو. ٻڌڻي دوران جوابدار مٿان ڏوهه ثابت ثابت ٿيڻ تي عدالت کيس ست سال قيد ۽ هڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، ڏنڊ جي رقم نه ڏيڻ جي صورت ۾ جوابدار 6 مهينا وڌيڪ قيد ڀوڳيندو.