خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي ماڊل ڪورٽ ۾ ايڪسائيز پوليس هٿان 10 مڻ چرس هٿ اچڻ واري ڪيس جي آن لائين ويڊيو لنڪ ذريعي ٻڌڻي، جوابدار مٿان ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عمر قيد ۽ ٻه لک ڏنڊ جي سزا، خبر موجب خيرپور ۾ ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي اسپيشل جج علي بخش ٿيٻو جي عدالت ۾ ايڪسائيز پوليس گمبٽ هٿان پنج سال اڳ جوابدار آغا محمد ڪاڪڙ کان 10 مڻ چرس هٿ اچڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي آن لائين ويڊيو لنڪ ذريعي ٿي، جنهن دوران جوابدار آغا محمد ڪاڪڙ کي سينٽرل جيل خيرپور ۾ ويڊيو لنڪ ڪئميرائن ذريعي عدالت آڏو پيش ڪيو ويو، ٻڌڻي دوران جوابدار مٿان ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عدالت کيس عمر قيد ۽ ٻه لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، ڏنڊ جي رقم نه ڏيڻ جي صورت ۾ جوابدار هڪ سال وڌيڪ قيد ڀوڳيندو.