خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي عدالت منشيات ڪيس ۾ جوابدار جي ضمانت رد ڪري کيس جيل اماڻي ڇڏيو، ٻن ٿاڻن جي ايس ايچ اوز سميت ٽن ڄڻن خلاف شوڪاز نوٽيس ۽ ايس ايچ او بي سيڪشن ۽ هڪ عورت سميت هڪ ڊزن جا گرفتاري وارنٽ جاري، خبر موجب خيرپور ۾ ڪرمنل ماڊل ٽرائل ڪورٽ جي اسپيشل جج محمد اسلام الحق آرائين جي عدالت ڪنب ٿاڻي جي هڪ منشيات رکڻ جي ڪيس ۾ جوابدار علي گوهر ڄامڙو جي ضمانت رد ڪندي کيس جيل اماڻي ڇڏيو، عدالت مختلف ڪيسن ۾ مسلسل غيرحاضر رهندڙ بي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايچ او صدورو خان، عبدالحئي ڦلپوٽو، محمود عطاءُ لله راجپوت، فاروق احمد ڪانڌڙو، مقصود چنو، اي ايس آءِ صحبت گوپانگ، ڪنب ٿاڻي جي وڏي منشي امام بخش بڙدي، سپاهي دلبر ناريجو، سپاهي ثناءُ الله ڄامڙو، سپاهي ڪامران شيخ، سپاهي نياز حسين وساڻ ۽ مسمات عزيزان زال سيد اياز علي شاهه جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي پوليس کي حڪم ڏنو ته کين عدالت ۾ پيش ڪرايو وڃي.