خيرپور (رپورٽر) ڪوٽڏيجي جي ڳوٺ عبدالرزاق والا مان 17 آڪٽوبر تي هٿياربندن هٿان مبينا گهر ۾ گھڙي ڦرلٽ بعد نائين درجي جي شاگردياڻي طيبه خيرپور جي فيملي جج مسز نور صبا جي عدالت ۾ پيش ٿي پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو، ھن ڄاڻايو ته جوابدار ظفر علي، مير خان، اعجاز علي عرف پکي، مشتاق ۽ شهزادو بروهي هٿيارن جي زور تي داخل ٿي گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائي گھر ۾ رکيل 8 تولا سونا زيور، ڏيڍ لک رپيا روڪ ۽ هڪ رائفل ڦرڻ بعد مون کي زبردستي وارن مان گهلي هڪ ڪار ۾ اغوا ڪري نامعلوم هنڌ رکيو، اغوا ڪندڙ نشو ڏيندا رهيا ۽ نشي جي حالت ۾ مختلف جاين تي رهائيندا رهيا، هنن مختلف وقتن تي زيادتي جو نشانو پڻ بڻايو، هن عدالت کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري کين عبرتناڪ سزا ڏياري وڃي، ھوڏانھن جوابدارن خلاف ڪوٽڏيجي ٿاڻي تي ڪيس داخل هئڻ باوجود پوليس ڪنهن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي، شاگردياڻي وارثن محمد سليمان والا، رستم والا ۽ ٻين سان گڏجي خيرپور ۾ احتجاج ڪيو، هنن چيو ته ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ جوابدار توڙي علائقي جا بااثر ڌمڪيون پيا ڏين، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.