خيرپور(رپورٽر) خيرپور جي ڳوٺ مولا بخش بھڻ لڳ پانڌي خان سوڍڙو ۾ لطيف جي قديمي ڪنڍي واري مقام تي شاھه لطيف فائونڊيشن جي پليٽ فارم تان لطيف سائين جي ھر مھيني چوڏهين جو پروگرام ٿيو، جنهن ۾ لطيف سرڪار جي پانڌيئڙن ۽ ڌرتي ڌڻين شرڪت ڪري سنڌو درياءَ مان نڪرندڙ ڪينالن جي مخالفت ڪئي، ان سلسلي ۾ فقير دلشاد بھڻ، فقير صاحب لطيفي، استاد احمد علي، راحب علي، ھوت محمد لغاري، شيرل فقير، ٻڍل فقير، دلدار فقير، عطا محمد بھڻ ۽ ٻين چيو ته سنڌ لطيف ۽ لطيف سنڌ آھي، سنڌ جي خوشحاليءَ ۾ دنيا جي خوشحالي آھي، ان خلاف سازشون بند ڪيون وڃن، لطيفي پروگرام ۾ اڳواڻن سنڌو درياءَ مان ڪينال ڪڍڻ جي سخت مخالفت ڪندي چيو ته شاھه لطيف جي ڌرتيءَ خلاف سازشون ڪندڙ خود تباھه ٿي ويندا.