خيرپور(رپورٽر) خيرپور جي عدالت سيٺارجا ڀرسان زميني تڪرار تان ڳوٺاڻي جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي، ٽن جوابدارن مٿان ڏوهه ثابت، عمرقيد ۽ ڏنڊ جي سزا، پوليس جي سخت پهري هيٺ سينٽرل جيل منتقل، خبر موجب خيرپور جي سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج سيد احسان حيدر شاهه جي عدالت ۾ سيٺارجا ٿاڻي جي حد طالب ڪٻر جي اوطاق تي زميني تڪرار تان لوهي سرين ۽ لٺين جا وار ڪري قتل ڪيل ڳوٺاڻي غلام اڪبر عرف علي اڪبر ڪٻر جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي دوران ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل 3 ڀائر جوابدارن لونگ خان، برڪت علي ۽ شير خان، ڪٻر مٿان ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عدالت کين عمر قيد ۽ پنج پنج لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، ڏنڊ جي رقم نه ڏيڻ جي صورت ۾ جوابدار 6، 6 مهينا وڌيڪ قيد ڀوڳيندا، جڏهن ته ٽنهي جوابدارن کي غيرقانوني ميڙاڪو ڪرڻ واري سيڪشن ۾ پڻ عدالت ٽي ٽي سال وڌيڪ قيد ۽ 30، 30 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، عدالت طرفان سزا ٻڌائڻ بعد جوابدارن کي پوليس جي سخت پهري هيٺ سينٽرل جيل خيرپور منتقل ڪيو ويو.