خيرپور(رپورٽر) خيرپور جي عدالت پيرڳوٺ ڀرسان مال جي ڀيل تان ڳوٺاڻي جي قتل ۽ ٻئي کي زخمي ڪرڻ واري ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌايو ڇڏي، خبر موجب عدالت پيرڳوٺ ٿاڻي جي حد ڳوٺ خاوند ڏنو ڌاريجو ڀرسان صدرالدين ڌاريجو جي زمين وٽ سال 2018ع ۾ مال جي ڀيل تان فائرنگ ڪري قتل ڪيل ڳوٺاڻي عبدالرئوف ڌاريجو جي قتل ۽ حبيب الله ڌاريجو کي زخمي ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران جوابدار امتياز احمد ڌاريجو، لکمير ڌاريجو ۽ اسدالله ڌاريجو مٿان قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي کين عمر قيد ۽ ٽي ٽي لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي، ڏنڊ جي رقم نه ڏيڻ جي صورت ۾ جوابدار 6، 6 مهينا وڌيڪ قيد ڀوڳيندا.