خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج سيد احسان حيدر شاهه جي عدالت ۾ شڪارپور جي لکي گيٽ ٿاڻي جي هڪ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران ڪيس ۾ فريادي ۽ گواهن جي پيش نه ٿيڻ سبب عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪندي ڪيس جي فريادي ۽ گواهن ڀٽائي بازار شڪارپور جي رهواسڻ مسمات فوزيه زال محمد حسن آرائين، غلام مرتضيٰ آرائين، چوڙيگر بازار شڪارپور جي رهواسي عبدالحميد آرائين، غريب آباد شڪارپور جي رهواسي نديم علي مهر، هاٿي در شڪارپور جي رهواسي حاجي خان کونهارو، اي ايس آءِ عبدالصمد بروهي ۽ سپاهي صفدر حسين جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، جڏهن ته ڪنب ٿاڻي جي هڪ ڪيس ۾ ڪوٽڏيجي جي ڳوٺ خير محمد سومرو جي رهواسي گل بهار راڄپر، عبدالڪريم صفر راڄپر، فقير محمد راڄپر، اي ايس آءِ غلام اصغر شر ۽ هيڊ ڪانسٽيبل غلام علي راڄپر جا پڻ ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا.