خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ ٽي ڏينهن اڳ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ناز هاءِ اسڪول وٽ هٿياربندن طرفان ٽائيم نيوز جي ضلعي رپورٽر عرفان ڦلپوٽو، ڪيمرامين فرحان ميتلو، صحافي زبير سومرو ۽ اڪبر گوپانگ مٿان حملو ڪري کين زخمي ڪندڙ جوابدار ٽي ڏينهن گذرڻ باوجود گرفتار نه ٿي سگهيا آهن، جنهن ڪري صحافين ۾ سخت تاءُ پکڙيل آهي، ان ڏس ۾ صحافين خان محمد خان، غلام قادر سومرو، ثناءُ الله ميمڻ، خان محمد سولنگي ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته بي سيڪشن ٿاڻي تي 10 نامزد جوابدارن سميت 30 جوابدارن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي پر پوليس جوابدارن کي گرفتار نه پئي ڪري، هنن چيو ته پوليس جوابدارن جي ونگار وهي رهي آهي، جوابدارن کي سياسي آشيرواد حاصل آهي، جنهن ڪري کين گرفتار نه پيو ڪو وڃي.