خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي سيشن جج منور سلطانه جي عدالت ۾ تعلقه ڪوٽڏيجي جي ڳوٺ لياري واسڻ نوجوان ناري بشريٰ ڌيءَ پرويز ڪانڌڙو پنهنجي وڪيل معرفت ڪوٽڏيجي ٿاڻي جي ايس ايچ او، اي سيڪشن خيرپور ٿاڻي جي ايس ايچ او ۽ ڳوٺ لياري جي رهواسي پرويز ڪانڌڙو، مسمات شبانه ڪانڌڙو ۽ جواد ڪانڌڙو خلاف پئسن عيوض وڪرو ڪرڻ، ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪرائڻ ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جي ڌمڪين خلاف آئيني پٽيشن داخل ڪرائي، هن ڄاڻايو آهي ته سندس مائٽ پئسن عيوض ڪنهن پوڙهي شخص سان پرڻائڻ چاهين پيا جنهن ڪري شريعت محمدي مطابق اٽڪل پنج مهينا اڳ ڳوٺ لياري جي رهواسي تابش ڪانڌڙو سان نڪاح ڪيو، جنهن ڳالهه تان ناراض ٿي مائٽ ۽ ڪوٽڏيجي جو بااثر سيد ڪرم علي شاهه اسان مٿان ڪارنهن الزام مڙهي اسان جي گهرن ۾ گهي مارائڻ ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، هن عدالت کي استدعا ڪئي ته کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي.