خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي عدالت ۾ ڳاڙهي پل واسي طرفان سکر جي مولوي ۽ نوجوان سميت چئن ڄڻن خلاف درخواست داخل، ننڍي ڄمار جي ڌيءَ کي اغوا بعد نڪاح ڪرڻ جا الزام، ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جي حڪم جي استدعا، عدالت طرفان نوٽيس جاري، خبر موجب خيرپور جي سيشن جج منور سلطانه جي عدالت ڳاڙهي پل واسي الله بخش ڌاريجو طرفان داخل ڪرايل درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي بي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايچ او ۽ الزام هيٺ آيل چانڊيا موڙ واسي نوجوان رسالت علي، سندس ڀيڻ مسمات نور صبا، علي رضا ۽ سکر جي مولوي قربان خلاف نوٽيس جاري ڪندي کين عدالت ۾ طلب ڪري ورتو آهي، درخواستگذار ڄاڻايو آهي ته سندس ڌيءَ ناديه کي جوابدار رسالت علي پنهنجي ساٿين سان گڏجي اغوا ڪرڻ بعد ننڍي ڄمار ۾ مولوي قربان سان ملي ڀڳت ڪري نڪاح ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ڪري نڪاح ڪندڙ جوابدار رسالت علي ۽ سندس ساٿين ۽ نڪاح پڙهائيندڙ مولوي قربان مٿان ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو وڃي.