خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي عدالت مبينا باندي بڻايل چئن معصوم ٻارن سميت پنجن ڄڻن جي بازيابيءَ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو، هنڱورجا ۽ ٽنڊومستي ٿاڻن جي ايس ايچ اوز کي ليٽر جاري، خبر موجب خيرپور جي سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج سيد احسان حيدر شاهه جي عدالت تعلقه ڪنگري جي ڳوٺ لعل ڏنو اڄڻ جي رهواسي ڌڻي بخش اڄڻ طرفان داخل ڪرايل پٽيشن کي ٻڌڻ جوڳو قرار ڏيندي ٽنڊومستي ٿاڻي جي ايس ايچ او کي ليٽر جاري ڪري حڪم ڏنو آهي ته محمد الياس، ارسلان، محمد عرفان، مسمات رمشا ۽ مسمات الماس ميمڻ وٽ مبينا باندي بڻايل 11 سالا انيلا، 9 سالا عاليان، 8 سالا شيزان ۽ 6 سالا محمد سبحان کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪرايو وڃي، جڏهن ته تعلقه سوڀوديرو جي ڳوٺ رڪراڻي جي رهواسي بابر علي سهتو طرفان داخل ڪرايل پٽيشن کي پڻ ٻڌڻ جوڳو قرار ڏيندي هنڱورجا ٿاڻي جي ايس ايچ او کي ليٽر جاري ڪري حڪم ڏنو آهي ته اي ايس آءِ ارشاد ڀٽو، وڏو منشي شير شاهه، سپاهي بشارت سهتو، سپاهي وحيد سهتو ۽ ڳوٺ بچل ڀنڀرو جي رهواسي آفتاب، عبدالسميع ۽ منصور ڀنڀرو وٽ مبينا باندي بڻايل راجا کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪرايو وڃي.