خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي عدالت ٻٻرلوءِ ٿاڻي جي اي ايس آءِ سميت ٽن ڄڻن جي پگهار بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ايس ايس پي خيرپور کي ليٽر جاري، عدالت ۾ پيش ڪرائڻ جو حڪم، خبر موجب خيرپور جي ٿرڊ سول جج جي عدالت ٻٻرلوءِ ٿاڻي جي هڪ مين پوري ۽ گٽڪو هٿ اچڻ جي ڪيس جي فريادي ۽ گواهن اي ايس آءِ حسين بخش بگٽي ۽ سپاهين خير محمد ناريجو ۽ طفيل احمد ڀٽو جي مسلسل غيرحاضر رهڻ تي ايس ايس پي خيرپور کي ليٽر جاري ڪندي سندن پگهار بند ڪري عدالت ۾ پيش ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.