خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي عدالت مختلف ڪيسن جي ٻه ڊزن کان وڌيڪ روپوش جوابدارن جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، کين هٿن ۾ هٿڪڙيون هڻي عدالت ۾ پيش ڪرائڻ جو حڪم، خبر موجب خيرپور جي سول جج نازيه امير مهيسر جي عدالت اي سيڪشن ٿاڻي جي ڪيسن ۾ روپوش جوابدار ڪرم علي جمالي، ميهر علي ابڙو، عبيدالله ڦلپوٽو، فدا اوڍو، نسيم ڦلپوٽو، صابو ۽ الهوسايو ڦلپوٽو جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي پوليس کي حڪم ڏنو آهي ته کين هٿن ۾ هٿڪڙيون هڻي عدالت ۾ پيش ڪرايو وڃي، هوڏانهن فرسٽ سول جج نديم علي ٻرڙو جي عدالت بي سيڪشن ٿاڻي جي مختلف ڪيسن ۾ روپوش جوابدار خان محمد مري، شهزادو مري، مولا بخش مري، همايون اسلم، نذير جتوئي، رشيد، غلام فريد ميتلو، ارشاد چانڊيو، ظهير عرف جاجو ڦلپوٽو، بابو ڦلپوٽو، انور ڦلپوٽو، اعجاز جاگيراڻي، لال بخش ڦلپوٽو، عبدالجبار ڦلپوٽو، محرم ڦلپوٽو، محمد اسلم لنڊ ۽ فيض محمد لانگاهه جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي پوليس کي حڪم ڏنو آهي ته جوابدارن کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرايو وڃي.