خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي فرسٽ سول جج شبانه عرف عشا سهتو جي عدالت هاءِ ڪورٽ جي سينيئر ايڊووڪيٽ احمد بخش ڦلپوٽو طرفان يونين ڪائونسل ميهر علي جي ڳوٺ دائود ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف داخل ڪرايل پٽيشن ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي ڊپٽي ڪمشنر خيرپور، اسسٽنٽ ڪمشنر خيرپور، چئرمين لوڪل گورنمينٽ خيرپور، ايڊيشنل ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ خيرپور، يونين ڪائونسل ميهر علي جي چئرمين نظير احمد ڦلپوٽو، سيڪريٽري احمد علي ۽ بي سيڪشن ٿاڻي ۽ شاهه حسين ٿاڻي جي ايس ايچ اوز کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.