خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي يونين ڪائونسل ٻاڦو ۾ قائم ڊسپينسري ۾ ڪا به سهولت، ڊاڪٽر ۽ دوائون نه هئڻ خلاف فورٿ ايڊيشنل سيشن جج ميڊم ثمينه منگي جي عدالت ۾ داخل ڪرايل درخواست تي ٻڌڻي ٿي گذري، ٻڌڻي ۾ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر پيش ٿيو جتي عدالت جي جج طرفان ڪاوڙ جو اظهار ڪندي کانئس آڏي پڇا ڪئي ته ڊي ايچ او خيرپور بجيٽ، دوائون، گاڏين جو تيل وغيرهه ڪٿي ٿو استعمال ڪري، عدالت سوال جواب ڪرڻ کانپوءِ ٻڌڻي ملتوي ڪندي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر کي گهربل ڪاغذن سان گڏ ٻيهر 11 مارچ تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو، يونين ڪائونسل ٻاڦو جي چيئرمين جمال الدين راڄپر پنهنجي وڪيل ايڊووڪيٽ اڪبر شر معرفت درخواست جمع ڪرائي موقف اختيار ڪيو ته يوسي ٻاڦو ۾ ڊسپينسري آهي جيڪا گذريل ڪيتري ئي عرصي کان بند پئي آهي پنج ڊاڪٽر گهر ويٺي پگهار کڻن ٿا،