خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي عدالت، عدالتي حڪمن جي تعميل نه ڪرڻ تي ٽن ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز سميت چئن ڄڻن خلاف شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم. خبر موجب خيرپور جي سيشن جج مشتاق احمد لغاري جي عدالت، عدالتي حڪمن جي تعميل نه ڪرڻ تي ڪوٽڏيجي ٿاڻي جي ايس ايڇ او خلاف شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. هوڏانهن فورٿ ايڊيشنل سيشن جج ثمينه منگي جي عدالت پڻ عدالتي حڪمن جي تعميل نه ڪرڻ تي وڏا ماڇيون ۽ فيض گنج ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز خلاف شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، جڏهن ته فورٿ سول جج محمد زبير جي عدالتي پڻ ٽنڊومستي ٿاڻي جي جاچ عملدار خلاف شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي کيس عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.