خيرپور(رپورٽر ) خيرپور جي ماڊل ڪورٽ ۾ اڳڙا پوليس هٿان 1700 گرام ڀنگ هٿ اچڻ واري ڪيس جي آن لائن ويڊيو لنڪ ذريعي ٻڌڻي، جوابدار مٿان ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 7 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا، تفصيل مطابق خيرپور ۾ تڪڙا ڪيس اڪلائڻ لاءِ قائم ڪرمنل ماڊل ٽرائل ڪورٽ جي اسپيشل جج علي بخش ٿيٻو جي عدالت ۾ اڳڙا پوليس هٿان 14 اپريل 2024ع تي ڳوٺ پٺاڻو لنڪ روڊ وٽان جوابدار عزيز احمد مرکنڊ کان 1700 گرام ڀنگ هٿ اچڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي آن لائن ويڊيو لنڪ ذريعي ٿي، جنهن دوران جوابدار کي سينٽرل جيل خيرپور ۾ پوليس ذريعي عدالت آڏو پيش ڪيو ويو، ڪيس جي ٻڌڻي دوران جوابدار مٿان ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عدالت کيس ست سال قيد ۽ هڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. ڏنڊ جي رقم نه ڏيڻ جي صورت ۾ جوابدار ڇهه مهينا وڌيڪ قيد ڀوڳيندو.