خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي عدالت پاران روڊس کاتي ۾ مبينا ڪرپشن ۽ من پسند ماڻهن کي ٺيڪا ڏيڻ تي هاءِ ويز عملدارن سميت ٽن ڄڻن خلاف نوٽيس جاري، عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم، خبر موجب خيرپور جي فورٿ ايڊيشنل سيشن جج ثمينه منگي جي عدالت خيرپور جي روڊس کاتي ۾ من پسند ماڻهن کي روڊن جا ٺيڪا ڏئي ڪروڙين روپين جي ڪرپشن بابت داخل درخواست تي هاءِ ويز ڊويزن خيرپور جي ايگزيڪيوٽو انجنيئر، ورڪس اينڊ سروسز کاتي خيرپور جي سپرنٽنڊنٽ انجنيئر ۽ اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايچ او خلاف نوٽيس جاري ڪندي کين عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي، عدالت اهڙي ڪارروائي سنڌي ڪوآپريٽو سوسائٽي سکر جي رهواسي ٺيڪيدار بهادر علي شيخ جي وڪيل حميل رفيع مهيسر طرفان داخل ڪرايل درخواست تي سندس دليل ٻڌڻ بعد ڪئي، درخواست ۾ عملدارن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ملوث عملدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.