گمبٽ(ن پ ا) گمبٽ ۾ ضلعي ڪائونسل ميمبرن جو اجلاس مقامي هوٽل ۾ ٿيو، جنهن ۾ ميمبرن ضلعي ڪائونسل چيئرمين ۽ چيف آفيسر تي ترقياتي ڪم نه ڪرائڻ ۽ ڪروڙين رپين جي بجيٽ ۾ ڪرپشن ڪرڻ جا الزام هنيا، اجلاس ۾ ترقياتي ڪم نه ملڻ جي صورت ۾ ضلعي چيئرمين جي آفيس جي تالا بندي ڪري علامتي بک هڙتال ۽ بي اعتمادي رٿ آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ان موقعي تي ميمبرن شهزاد ڀاڳت، تاج سروهي، عثمان ناريجو، اجيت ڪمار، عارف آريجو، قربان اڄڻ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ضلعي چيئرمين ۽ چيف آفيسر گڏجي ڪرپشن جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، هر مهيني 9 ڪروڙ جي بجيٽ هڙپ ٿي وڃي ٿي، هنن چيو ته ضلعي جي 88 يونين ڪائونسلن ۾ ٽڪي جو ڪم ناهي ٿيو، سمورا ضلعي ڪائونسل جا ميمبر احتجاج ڪرڻ، علامتي بک هڙتال ۽ بي اعتمادي رٿ آڻڻ لاءِ تيار آهن، اڍائي سالن ۾ ڪنهن به ضلعي ڪائونسل جي ميمبر کي ترقياتي ڪم ناهي مليو، من پسند ماڻهن جا ڪم ڪيا ويا آهن، ضلعي ڪائونسل چيئرمين جي بنگلي تي چانهه ۽ ماني جو بل هر مهيني هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ اچي ٿو، ڪروڙين رپيا تيل جي مد ۾ ڪرپشن جي ور چڙهي وڃن ٿا، هنن چيو ته ترقياتي ڪم نه ٿيڻ سبب پنهنجن علائقن ۾ نه ٿا وڃي سگھون، ضلعي ڪائونسل چيئرمين نادر شوڪت راجپر ۽ چيف آفيسر يوسف شيخ ڪرپشن جا بادشاهه بڻيل آهن، هنن بلاول ڀٽو زرداري، وڏي وزير، فريال ٽالپر ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته ضلعي ڪائونسل چيئرمين ۽ ڪرپٽ چيف آفيسر کي هٽائي ترقياتي ڪم ڏياريا وڃن، ٻئي صورت ۾ ضلعي چيئرمين جي آفيس جي تالابندي ڪري علامتي بک هڙتال شروع ڪئي ويندي ۽ بي اعتمادي رٿ آندي ويندي.