خيرپور (رپورٽر) خيرپور ضلع ڪائونسل سال 2025.26ع جو بجيٽ اجلاس ڊسٽرڪٽ ڪائونسل هال ۾ چيئرمين نادر شوڪت راڄپر جي صدارت هيٺ ٿيو، اجلاس ۾ ضلع ڪائونسل جي وائيس چيئرمين سيد فهد علي شاهه، چيف آفيسر محمد يوسف شيخ، ضلع ڪائونسل خيرپور جي پيپلزپارٽي ۽ اپوزيشن جي ميمبرن شرڪت ڪئي، اجلاس دوران ضلع ڪائونسل جي چيئرمين طرفان سال 2025-26ع لاءِ آمدني ۽ اخراجات جو اندازو لڳائيندي وسيلن ۽ ضرورتن کي نظر ۾ رکندي هڪ ارب 33 ڪروڙ 17 لک 29 هزار 928 رپين جي بجيٽ پيش ڪئي، جنهن کي اڪثريتي راءِ سان منظور ڪيو ويو، اجلاس جي ايجنڊا ۾ ضلع خيرپور جي وڻڪاري مهم جي شروعات جي منظوري، قرعه اندازي ذريعي ضلع ڪائونسل جي ٻن ميمبرن ۽ هڪ آفيس ملازم کي عمري تي موڪلڻ جي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته ڪچي جي يونين ڪائونسلن لاءِ ٻيڙيون خريد ڪرڻ جي منظوري پڻ ڏني وئي، اجلاس دوران اپوزيشن جي ميمبرن گذريل سال دوران بجيٽ ۾ ڄاڻايل ترقياتي ڪم مڪمل نه ڪرائڻ، ميمبرن کي ٻيون سهولتون فراهم نه ڪرڻ ۽ نظرانداز ڪرڻ خلاف احتجاجن ڪرسين تان لهي پٽ تي ويهي احتجاج رڪارڊ ڪرايو، اپوزيشن ڌر جي ميمبرن صابر سعيد مهيسر، مراد علي ٽالپر، علي ڏنو آرادين ۽ ٻين جو چوڻ هو ته گذريل سال ضلع ڪائونسل جي چيئرمين طرفان پنهنجا نوازي تحت اپوزيشن جي ميمبرن کي مڪمل طور نظرانداز ڪيو ويو، جنهن عمل جي مذمت ڪريون ٿا، ضلع ڪائونسل خيرپور طرفان سال 26-2025ع جي بجيٽ ۾ ملازمن جي پگهارن لاءِ 23 ڪروڙ 51 لک 36 هزار 508، پينشن لاءِ 16 ڪروڙ 92 لک 28 هزار 935 رپيا، روزمره جي اخراجات لاءِ 60 لک رپيا، سوشل ويلفيئر گرانٽ لاءِ 30 لک رپيا، ملازمن جي بقايا جات لاءِ 30 ڪروڙ 69 لک 93 هزار 213 رپيا، ڊزاسٽر مئنيجمينٽ لاءِ هڪ ڪروڙ رپيا، اسڪالرشپ لاءِ 5 لک رپيا، هلندڙ ترقياتي اسڪيمن لاءِ 55 ڪروڙ 13 لک 61 هزار 282 رپين سميت مختلف ڪمن لاءِ مجموعي طور هڪ ارب 33 ڪروڙ 17 لک 29 هزار 928 رپيا رکيا ويا، بجيٽ تجويزن تي بحث ڪندي ميمبر الطاف حسين مري ايڊووڪيٽ، علي شير مڪول، امتياز لاشاري، ارشاد راڄپر، آغا ثناءُ الله پٺاڻ، قاضي واجد، فقير غلام قاسم اڄڻ، لطيفان ڌاريجو، تاج سروهي، عبدالرزاق حاجاڻو، غلام مصطفيٰ ٻرڙو، صابر مهيسر، عالم ڪانڌڙو، علي ڏنو آرادين، آصف سهتو، مير مراد علي ٽالپور، اميران خاتون ميتلو، بينظير ابڙو، عثمان ناريجو، حق نواز ڀنگو ۽ ٻين چيو ته ضلعي ڪائونسل جي ترقياتي بجيٽ مان سمورين يوسين کي هڪ جهڙا فنڊز رليز ڪيا وڃن، سوشل ويلفيئر فنڊز ۾ اضافو ڪيو وڃي، اسڪيمن جي رٿابندي لاءِ ميمبرن سان مشاورت ڪئي وڃي، ٻوڏ متاثر يوسين تي خاص ڌيان ڏنو وڃي، سولر سسٽم سان گڏ سولر لائيٽس به ڏنيون وڃن، ايندڙ محرم ۾ جلوسن ۽ ماتم دوران اسٽريٽ لائيٽس جي سخت ضرورت آهي، آخر ۾ ضلع ڪائونسل خيرپور طرفان عمري جي سعادت ۽ مقدس مقامن جي زيارت لاءِ ڪُڻا ڪڍيا ويا، جنهن ۾ عمري جي سعادت لاءِ مير مراد علي ٽالپر ۽ قائم الدين شر جو نالو نڪتو، جڏهن ته مقدس مقامن جي زواري لاءِ عورت ميمبر شگفته ۽ زيب النساءِ شر جو نالو نڪتو.