خيرپور (رپورٽر) هاءِ ڪورٽ آف سنڌ جي چيف جسٽس جي حڪمن بعد خيرپور مان 4 سول جج بدلي، نوان مقرر، خبر موجب هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي حڪمن بعد مانيٽرنگ انسپيڪشن ٽيم نمبر هڪ جي ميمبر حليم احمد طرفان هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪري خيرپور جي فرسٽ سول جج جي خالي پيل جاءِ تي نديم احمد ٻرڙو کي مقرر ڪيو ويو آهي ۽ سيڪنڊ سول جج اسدالله مهيسر کي بدلي ڪري سندس جاءِ تي محمد بلال کي مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته ٿرڊ سول جج گمبٽ سعيد احمد شيخ کي بدلي ڪري سندس جاءِ تي شفقت حسين چنجڻ کي مقرر ڪيو ويو آهي، سول جج نارا جي خالي پيل جاءِ تي سيد اختر شاهه کي مقرر ڪيو ويو آهي، ان کان علاوهه فرسٽ سول جج ميرواهه اميش هجراڻي ۽ سول جج سوڀوديرو فرحاز احمد ميمڻ کي پڻ بدلي ڪيو ويو آهي.