خيرپور (رپورٽر) سول اسپتال خيرپور جي انتظاميا، ٽن مهينن کان ماهوار پگهارون نه ملڻ خلاف ٻه ڏينهن اڳ سول اسپتال انتظاميا خلاف احتجاج ڪندڙ ڪچن ملازمن جون نوڪريون چٽ ڪري ڇڏيون. سول اسپتال خيرپور جي انتظاميا اسپتال اندر هڪ حڪم نامو نصب ڪندي ڄاڻايو آهي ته وسيم احمد، عنايت الله، حمير رضا ڀٽي، مھتاب حسين ڦلپوٽو، سيد لال شاهه، فياض حسين نوناري، غلام باقر، انتظار حسين، عبدالعزيز، زين العابدين، نور عالم، سارنگ شيخ سميت 25 ملازمن کي سول اسپتال ۾ اشتعال انگيزي پکيڙڻ جي الزام ۾ نوڪرين مان بي دخل ڪري ڇڏيو آهي. هوڏانهن متاثر ملازمن جو چوڻ آهي ته ماهوار پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاج ڪرڻ تي اسان جون نوڪريون ختم ڪيون ويون آهن، جيڪا سراسر ناجائزي آهي. هنن چيو ته جيڪڏھن اسان کي بحال ڪرڻ سان گڏ ماهوار پگهارون نه ڏنيون ويون ته سڀاڻي کان احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر مسرور شاهه ٻڌايو ته اسپتال ۾ بجيٽ گهٽ هئڻ ڪري ملازمن کي فارغ جو فيصلو واپس وٺڻو پيو، ڄاڻايل ملازم زباني طور رکيل هئا، بجيٽ اچڻ کانپوءِ ٻين ملازمن کي ڀرتي ڪيو ويندو.