خيرپور (رپورٽر) خيرپور سول اسپتال ۾ عورت علاج دوران فوت، وارثن جو ڊاڪٽرن مٿان غفلت جا الزام، احتجاج، خبر موجب سول اسپتال خيرپور ۾ ڳوٺ شهزاد خان ٻرڙو واسڻ عورت مسمات اقبال ٻرڙو فوت ٿي وئي، واقعي بعد عورت جي وارثن هنجون هاريندي ۽ احتجاج ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته سول اسپتال ۾ ڪروڙين رپين جي بجيٽ هئڻ جي باوجود انسولين جي سهولت موجود نه آهي، انسولين نه لڳڻ ۽ ڊاڪٽرن جي غفلت سبب اسان جي عورت فوت ٿي آهي، هنن الزام مڙهيو ته سول اسپتال جو ايم ايس مسرور شاهه ڪرپشن ۾ مصروف آهي، جڏهن ته اسپتال ۾ هر ايندڙ بهتر علاج نه ٿيڻ ۽ دوائون نه ملڻ سبب پريشان آهي، هنن صحت کاتي جي اختيارين ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي اسان جي عورت جي علاج ۾ غير ذميواري جو مظاهرو ڪندڙ ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ اسان سان انصاف ڪيو وڃي.