خيرپور ميرس(رپورٽر) سول اسپتال خيرپور ۾ هيپاٽائيٽس جي مرض ۾ مبتلا علاج لاءِ آيل عورت مسمات رخسانه گوپانگ کي اسپتال عملي ۽ سيڪيورٽي گارڊ مبينا طور رشوت نه ملڻ سبب وارڊ مان بيدخل ڪري ڇڏيو، وارڊ مان بيدخل ٿيڻ بعد بيمار عورت وارڊ اڳيان پٽ تي بيهوشي واري حالت ۾ ستل رهي، مريض سان گڏ آيل عورت ٻڌايو ته اسان کان سيڪيورٽي ۽ وارڊ جي عملي 500 رپيا گهريا ته اسان انڪار ڪيو، جنهن تي سيڪيورٽي گارڊن اسان کي وارڊ مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو، ھن سول اسپتال جي ايم ايس ۽ ٻِن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.