خيرپور (رپورٽر) خيرپور ڀرسان ڳوٺ مير محمد نوناري ڀرسان گذريل 6 سالن کان جاري رند نوناري تڪرار جي نبيري لاءِ حسين شاهه عرف زمان شاهه جي اڳواڻي ۾ پاڪ ڪتاب کڻي ميڙ منٿ قافلو ڀاڳيل رند جي اوطاق تي پهتو، جتي رند برادري جي معززن حاجي آندل رند، پنجل رند، خالد رند ۽ ٻين ميڙ منٿ قافلي کي مان ڏنو ۽ چيو ته مخالفت ڌر جي چڱي مڙس مير محمد نوناري جو ننڍو ڀاءُ رستم نوناري پاڪ ڪتاب کڻي تڪراري زمين تي دنگ جا نشان لڳائي ته اسان اهي قبول ڪري باقي ايراضي کڻنداسين، جنهن بعد ٻنهي ڌرين جي نيڪ مردن ۽ سوين برادري جي ماڻهن جي موجودگي ۾ تڪراري زمين جا نشان ڏئي رند نوناري تڪرار جو خاتمو ڪيو ويو ۽ مٺائي تقسيم ڪئي وئي، ان موقعي تي تڪرار دوران ٿيل نقصان ۽ داخل ٿيل ڪيسن جو ازالو ڪرڻ لاءِ متفقه طور راءِ پيش ڪئي وئي ته نيڪ مردن جي سرپئنچي ۾ اهو فيصلو هن مهيني ۾ ئي ڪيو ويندو، جنهن لاءِ ڌريون گڏجي معززن کان تاريخ وٺنديون.