خيرپور(رپورٽر) آل پاڪستان ھاڪي ٽورنامينٽ خيرپور کٽي اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو. ڊسٽرڪٽ ھاڪي ايسوسيئيشن خيرپور طرفان اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئرز کاتي سنڌ جي تعاون سان بخت علي ڏھوٽ ھاڪي اسٽيڊيم لقمان خيرپور تي آل پاڪستان ھاڪي ٽورنامينٽ خيرپور کٽي ورتو. ٽورنامينٽ جو فائنل خيرپور ۽ پنجاب صادق آباد جي ٽيمن وچ ۾ ٿيو جيڪو سنسني خيز مقابلي کان پوءِ خيرپور جي ٽيم 2-1 تان کٽي اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو. خيرپور جي حيدر علي ملاح کي ٽورنامينٽ جي بھترين رانديگر جواعزاز ڏنو ويو. فائنل جو مھمان خاص شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽرمحمد يوسف خشڪ هو. ان موقعي تي ذوالفقار علي ڏھوٽ آرگنائزنگ سيڪريٽري ۽ نائب صدر سنڌ ھاڪي ايسوسيئيشن، محمد مراد پيرزاده ڊائريڪٽر اسپورٽس، غلام مجتبي جتوئي ڊپٽي ڊائريڪٽر اسپورٽس، محمد اخلاق ميمڻ ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسر خيرپور، سيلم احمد آرائين سينئير ڊائريڪٽر فزيڪل ايجوڪيشن، محمد امين آرائين، پروفيسر نجم الحسن، سيد علي عباس، عمران سومرو، پروفيسر ابراھيم کوکر، پروفيسر رشيد سومرو، پروفيسر غلام جعفر ڪانھر، عرفان علي ڏھوٽ سيڪريٽري ڊسٽرڪٽ ھاڪي ايسوسيئيشن خيرپور، غلام مرتضي ڏھوٽ، پروفيسر عامر رضا، شوڪت علي ڏھوٽ، وسيم ڪلھوڙو، عرفان ڦلپوٽو، مقصود سومرو، غلام مصطفي ۽ ٻيا موجود ھئا. آخر ۾ مھمان خاص پروفيسر ڊاڪٽر محمد يوسف خشڪ ڪامياب ٽيمن ۾ ٽرافيون ۽ مھمانن ۾ شيلڊون ۽ ٻيا انعام ورهايا.