خيرپور(رپورٽر) خيرپور جي عدالت پاران غير حاضر ايس ايچ او سميت 12 ڄڻن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن. ان ڏس ۾ ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج الطاف حسين بجاراڻي جي عدالت مختلف ڪيسن ۾ مسلسل غيرحاضر رهندڙ بي سيڪشن ٿاڻي خيرپور جي ايس ايڇ او، اي ايس آءِ عمران علي، اي ايس آءِ عبدالغفار ڦلپوٽو، هيڊ ڪانسٽيبل نياز حسين خاصخيلي ۽ سپاهين وزير علي بگٽي، عبدالجبار ڦلپوٽو، سڪندر سولنگي ۽ خادم حسين سهاڳ جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي پوليس کي حڪم ڏنو آهي ته کين عدالت ۾ پيش ڪرايو وڃي.