خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي گورنمينٽ ناز هاءِ اسڪول ۾ الميناءِ ايسوسيئيشن جي پليٽ فارم تان ميٿ اولمپڪ جي ڪرايل ٽيسٽن جو رزلٽ ظاهر ڪيو ويو. ان موقعي تي پهرين پوزيشن کڻندڙ شاگرد تصور حسين اڄڻ کي 5 هزار رپيا روڪ انعام ۽ سرٽيفڪيٽ، ٻي پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگرد عظيم راڄڙ کي ٽي هزار رپيا روڪ انعام ۽ سرٽيفڪيٽ جڏهن ته ٽين پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن حسيب ۽ نصيب الرحمان کي ٻه هزار رپيا روڪ انعام ۽ سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو جڏهن ته ٽيسٽ ۾ حصو وٺندڙ 117 شاگردن کي مڃتا سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا. ان موقعي تي ناز هاءِ اسڪول جي هيڊ ماستر عبدالرشيد قريشي، ڊسٽرڪٽ اڪائونٽنٽ آفيسر ظهير احمد ميمڻ، امتياز علي اڄڻ، پروفيسر عبدالسلام شيخ، نزاڪت حسين تنيو، سڪندر علي عباسي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته هن ٽيسٽ جي ذريعي خبر پئي ته ناز هاءِ اسڪول جي شاگردن ۾ ڪيترو ٽيلنٽ آهي جڏهن ته پوزيشن کڻندڙ شاگردن کي روڪ انعام ڏيڻ سان گڏ کين مڃتا سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا ويا ته جيئن انهن جي همت افزائي ٿئي ۽ هو اڃان وڌيڪ محنت ڪن ۽ مستقبل ۾ سٺا عهدا ۽ ترقيون ماڻي سگهن. هنن چيو ته سنڌ جي شاگردن ۾ به وڏو ٽيلنٽ موجود آهي ۽ اسان جي سرڪاري اسڪولن ۾ هن وقت بهترين تعليم ڏني پئي وڃي، تنهن ڪري والدين کي گھرجي ته جهالت کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجي ٻارن کي وڌ کان وڌ تعليم ڏيارين ته جيئن نوجوان اڳتي اچي ڪري ملڪ جو نالو روشن ڪن ۽ والدين جي خدمت ڪن، ڇوته تعليم کان سواءِ انسان جو وجود فضول ۽ بيڪار آهي.