خيرپور (رپورٽر) سنڌي ثقافت ڏهاڙو ملهائڻ، ڪشميرين ۽ فلسطينين سان اظهار يڪجهتي لاءِ اسڪول ۾ تقريب منعقد ٿي، جنهن ۾ مهمان خاص نويد شيخ هو، جڏهن ته مختيار ملڪ، ارسلان حيدر ڦلپوٽو، افتخار حسين ڪاظمي، سيف الله ڦلپوٽو، لال ڏنو خاصخيلي، فتح علي چانڊيو، مظهر خان، اقبال ملڪ، گل مير ڦلپوٽو اعزازي مهمان هئا، تقريب دوران اسڪول جي ٻارڙن سنڌي قومي ثقافت، تهذيب ۽ قومي ڏينهن جي حوالي سان اجرڪ ٽوپي پهري مختلف ٽيبلوز پيش ڪيا،نويد شيخ چيو ته اڄ جو دور جديد ٽيڪنالوجي ۽ اسڪل جو دور آهي دنيا سان مقابلي لاءِ اسان جي اها پهرين ڪوشش هجڻ کپي ته اسان پنهنجي ايندڙ نسل کي ان لاءِ تيار ڪيون، هي خانگي اسڪول ڪيمبرج سسٽم خيرپور لاءِ هڪ تحفو آهي، جتي عالمي سطح جو نصاب پڙهايو پيو وڃي.

سنڌي ميڊيا ايڪتا ڏهاڙي کي درياهه بچايو ڏهاڙو ڪري ملهائي: زين شاهه

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاهه سول سوسائٽي ۽ سياسي ڪارڪنن جي وفدن سان ملاقاتن دوران ڳالهائيندي چيو آھي ته جڏهن به سنڌ جي وسيلن، ڊيموگرافي، سنڌو درياھ ۽ سمنڊ خلاف ڪا به سازش ٿي آھي ته سنڌ جي محب وطن ماڻھن سان گڏوگڏ سنڌ جي اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا پڻ پنھنجو شاندار ڪردار ادا ڪيو آھي، ماضي ۾ ون يونٽ کان وٺي ڪالاباغ ڊيم خلاف يا ٻٽي بلدياتي نظام کان وٺي سامونڊي ٻيٽن تي ٿيندڙ قبضي جي سازشن خلاف جيڪي به تحريڪون هليون آھن ان ۾ سنڌ جي ميڊيا جو شاندار ڪردار رهيو آھي،سنڌي ميڊيا سنڌ جو حقيقي آواز بڻجي اعلىٰ ادارن توڙي سنڌ سميت سڄي ملڪ ۽ دنيا تائين سنڌ سان نڀايو آھي ۽ انهن جدوجهدن ۾ سنڌي ميڊيا جو ڪردار نه وسارڻ جوڳو آھي، هن چيو ته اسان کي افسوس آھي ته سنڌ سان ٿيندڙ ان واردات تي سنڌ مان چونڊيل قومي توڙي صوبائي اسيمبلين جا ميمبر ۽ سينيٽ جا نمائنده مجرماڻي غفلت ۽ خاموشي جو ڪردار ادا ڪري رهيا آھن، سيد زين شاھ سنڌ جي اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا جي مالڪن ۽ انتظاميا کي اپيل ڪئي آھي ته سنڌي ميڊيا 1 ڊسمبر آچر تي ملهائجندڙ ايڪتا ڏاهاڙي تي سڄي سنڌ ۾ ”سنڌو درياھ سڪائڻ بند ڪريو“ ”سنڌو درياھ سنڌ جو ساھ آھي“ ”سنڌو درياھ تي ڌاڙو نامنظور“ ”سنڌو درياھ مان 6 نوان ڪئنال نامنظور“ جي بينر هيٺ سڄي سنڌ کي گڏ ڪري هن تحريڪ کي طاقتور بڻائڻ لاء پنھنجو تاريخي فرض نڀائيندي ته  اسان سمجهون ٿا ته سنڌي ميڊيا جو اهو ڪردار هميشه سونهري اکرن ۾ لکيو ويندو