خيرپور (رپورٽر) خيرپور عدالت ۾ سينٽرل جيل انتظاميا طرفان 3 سال سزا مليل جوابدار کي ٻن مهينن ۾ آزاد ڪرائڻ واري معاملي جي ٻڌڻي، سپرنٽينڊنٽ بجاءِ ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ جي پيش ٿيڻ تي ڪاوڙ، ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ جو حڪم، خبر موجب خيرپور جي ٿرڊ ايديشنل سيشن جج الطاف حسين بجاراڻي جي عدالت سزا مليل هڪ قيدي کي سزا پوري ٿيڻ کان اڳ آزاد ڪرڻ جي معاملي ۾ سينٽرل جيل خيرپور جي سپرنٽينڊنٽ نائب علي ٻانڀڻ خلاف شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي کيس عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪيو ھو، جنھن جي ٻڌڻي ۾ جيل سپرنٽينڊنٽ بجاءِ ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ پيش ٿي عدالت ۾ جوابدار فضل الله ڪٽوھر کي وقت کان اڳ آزاد ڪرڻ واري معاملي ۾ جواب داخل ڪرايو، جيل سپرنٽينڊنٽ جي عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪندي جيل سپرنٽينڊنٽ کي ٻي حاضري تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ۽ غيرحاضري جي صورت ۾ سندس گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ جو چتاءُ ڏنو، ٻئي پاسي ڪوڙي چيڪ جي ڪيس ۾ فريادي منظور احمد پنھنجي وڪيل معرفت عدالت ۾ پيش ٿي ڄاڻايو ته ھن ان معاملي ۾ ھاءِ ڪورٽ ۾ آءِ جي جيل، ڊي آءِ جيل، ايس ايس پي ۽ جوابدار فضل الله ڪٽوهر خلاف آئيني پٽيشن داخل ڪرائي آهي.