خيرپور (رپورٽر) سينٽرل جيل انتظاميا جا ڪارناما، 3 سال سزا مليل جوابدار کي ٻن مهينن ۾ آزاد ڪري ڇڏيو، عدالت جي پڇڻ بعد معافي ڏيکاري سزا پوري ڄاڻائي وئي، عدالت طرفان جيل سپرينٽينڊنٽ کي شوڪاز نوٽيس جاري، عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم، خبر موجب خيرپور جي ٿرڊ ايديشنل سيشن جج الطاف حسين بجاراڻي جي عدالت سزا مليل هڪ قيدي کي 3 سال سزا پوري ٿيڻ کان اڳ ٻن مهينن ۾ آزادي ڏيڻ جي معاملي ۾ سينٽرل جيل خيرپور جي سپريٽينڊنٽ نائب علي ٻانڀڻ خلاف شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي کيس عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي، عدالت ان سلسلي ۾ ڊسٽرڪٽ جج خيرپور ۽ انسپيڪٽر جنرل جيل خانه جات سنڌ ڪراچي کي پڻ ليٽر جاري ڪري ڇڏيو آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته ڪوٽڏيجي ٿاڻي جي هڪ ڪوڙي چيڪ ۽ خوني ڌمڪيون ڏيڻ جي الزام هيٺ داخل ٿيل ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل فضل الله ولد محمد اسلم ڪٽوهر کي سول جج طرفان 17 نومبر 2023 تي 3 سال قيد ۽ 30 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي جيل اماڻيو هو، جنهن سزا خلاف سيشن جج خيرپور جي عدالت ۾ اپيل داخل ڪرائي وئي هئي، جنهن جي ٻڌڻي دوران ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج الطاف حسين بجاراڻي جي عدالت آگاهي لاءِ سينٽرل جيل خيرپور جي انتظاميا کي ليٽر اماڻيو جنهن جي جواب ۾ عدالت کي جيل انتظاميا آگاهي ڏني ته جوابدار کي سزا جو ٽائيم پورو ٿيڻ سبب آزاد ڪيو ويو آهي، اهڙي آگاهي بعد عدالت جيل سپريٽينڊنٽ خلاف شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي کيس عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي.