خيرپور(رپورٽر) خيرپور ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر اعجاز چانڊيو ۽ جنرل سيڪريٽري محمد جمن سهتو گڏيل طور هڪ سرڪيولر جاري ڪندي ايڊووڪيٽ شمشاد شاهه مٿان حملو ڪري کيس زخمي ڪرڻ واري واقعي خلاف اڄ 14 اپريل سومر ڏينهن عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪندي صبح جو عدالت جي مک دروازي تي گڏ ٿيڻ اعلان ڪيو آهي، جيئن عدالتي احاطي ۾ پوليس جي داخلا کي روڪي سگهجي، هن بار جي ميمبرن تي زور ڏنو ته ڄاڻايل تاريخ تي عدالتي ڪاررواين ۾ حصو نه ورتو وڃي ۽ وڪيلن جي احتجاج ۾ شموليت ڪئي وڃي.