خيرپور(رپورٽر) خيرپور ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي نئين سال جون چونڊون 26 فيبروري تي ٿينديون، نيشنل لائيرز پينل ۽ انڊپينڊنٽ لائيرز پينل ۾ زور جو مقابلو، ٻنهي پينل جي وڪيلن طرفان بازي مارڻ لاءِ ملاقاتن ۽ دعوتن جو سلسلو شروع، خبر موجب خيرپور ۾ نئين سال 2025ع لاءِ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي عهدن لاءِ چونڊون 26 فيبروري تي ٿينديون، چونڊن ۾ وڪيلن جي ٻن پينلن ۾ سخت مقابلو آهي، نيشنل لائيرز پينل طرفان اعجاز چانڊيو، عطا حسين چانڊيو، صداقت علي رڏ، ڪليم الله ميتلو، خليق الرحمان شيخ، صداقت علي پنهور، اظهرالدين منگي، نجيب الله مهيسر ۽ مير اسرار ٽالپور، ناياب اختر ميمڻ، ابراهيم ڳنڀير، امجد علي چنه، رياض حسين لاڙڪ، عبدالرئوف ابڙو، خالد رياض جلالاڻي، ابرار احمد مهيسر، عذير بشار راهوجو ۽ ارباب جهانگير انصاري اميدوار آهن، جڏهن ته انڊپينڊنٽ لائيرز پينل طرفان ارشاد ڌاريجو، علي مرتضيٰ شاهه، محمد جمن سهتو، عبدالستار مهيسر، ساجد علي ميتلو، محمد طارق مهيسر، فياض خميساڻي، شاهد علي ڦلپوٽو ۽ ايم ايم سي لاءِ معظم لاشاري، نديم احمد ملڪ، رياض ميتلو، حسين بخش پٺاڻ، زاهد سومرو، چمن لعل، غلام رضا ابڙو ۽ فيروز سلمان بلوچ کي نامزد ڪيو ويو آهي، ٻنهي پينلن طرفان پنهنجي پينل کي ڪامياب ڪرائڻ لاءِ زور شور سان ورڪنگ جو سلسلو جاري آهي.