خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ قومي شاهراهه تي شاهه حسين باءِ پاس وٽ مسافر ڪوچ ڪلٽي، ڪوچ ۾ سوار 30 ڄڻا زخمي. خبر موجب خيرپور ۾ ڳوٺ وارث ڳنڀير ڀرسان قومي شاهراهه شاهه حسين باءِ پاس وٽ ملتان کان ڪراچي ويندڙ مسافر ڪوچ ڪلٽي ٿي پئي، نتيجي ۾ ڪوچ ۾ سوار 30 مسافر زخمي ٿي پيا. زخمين ۾ سلميٰ ڀٽي، محمد خان، سهيل خان، امجد اقبال ڀٽي، جعفر علي، علي حمزه، محمد عرفان پٺاڻ، محمد اسلم شيخ، شهزادي، فياض حسين، دلشاد علي راجپوت، سرفراز سيال، عالم شير ۽ ٻيا شامل آهن. واقعي بعد زخمين کي سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو ويو، جتي سندن علاج ھلندڙ آهي.