خيرپور(رپورٽر) خيرپور ۾ بينڪ مان پئسا ڪڍرائي ايندڙ ڊاڪٽر کان 10 لک رپيا ڦر، خبر موجب اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ٽپالي گھٽي واسي پ پ عهديدار نواب وساڻ جو سهرو ڊاڪٽر فيض محمد ميمڻ بينڪ مان 10 لک رپيا ڪڍرائي گهر وڃي رهيو هو ته دروازي وٽ موٽرسائيڪل سوار 3 هٿياربندن هٿيارن جي زور تي 10 لک رپيا ڦر ڪري ورتا ۽ فرار ٿي ويا، واقعي بعد متاثر ڊاڪٽر طرفان اي سيڪشن پوليس کي اطلاع ڏنو ويو.