خيرپور (رپورٽر) خيرپور سول اسپتال ۾ ڪروڙين رپين جي بجيٽ هوندي اسپتال عوام لاءِ بي لاڀ بڻيل، ڳوٺاڻي جو انجيڪشن نه ملڻ خلاف اسپتال جي ايم ايس خلاف احتجاج، خبر موجب فيض واھه واسي پورهيت عرض محمد چوهاڻ خيرپور سول اسپتال انتظاميه خلاف احتجاج ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته سندس 8 سالا معصوم پٽ زين محمد جي تري وڌي وئي آهي، جنهن کي ٽن انجيڪشنز جو ڊوز لڳندو، جنهن بعد هو ٺيڪ ٿي ويندو، جڏهن ته مان ٻه انجيڪشنون منٿون ڪري گمس اسپتال گمبٽ مان وٺي لڳرايون آهن ۽ آخري انجيڪشن گمس مان نه ملي، واپس اچي سول اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر مسرور شاھ وٽ ويس ته خدا جي واسطي پٽ جي زندگي بچائي وڃي ۽ هڪ انجيڪشن خريد ڪري پٽ کي لڳرائي ڏيو، تنهن جي باوجود ايم ايس جواب ڏئي موٽائي ڇڏيو، ھن چيو ته سول اسپتال خيرپور ۾ ڪروڙين رپين جي بجيٽ هوندي به هڪ انجيڪشن نه ٿي ڏني وڃي، غريبن جا ٻچڙا بنا دوا جي مري وڃن ٿا پر ڪنهن کي به ڪا پرواهه ناهي، ھن صحت کاتي جي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي تدارڪ ڪيو وڃي.