خيرپور(رپورٽر) خيرپور ۾ يوم القدس جي موقعي تي شيعا علماءِ ڪائونسل ۽ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي وڪيلن طرفان ڌار ڌار ريليون ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. شيعه علماءِ ڪائونسل جي ريلي مطهر زيدي، علامه محسن علي نقوي، ظهور حسين روحاني، علي عظمت بلوچ جي اڳواڻي ۾ امام بارگاهه قصر حسيني کان ڪڍي وئي جڏهن ته ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن طرفان سيد جعفر علي شاهه جي اڳواڻي ۾ ڊسٽرڪٽ بار کان ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ شامل شيعه علماءِ ڪائونسل جي ڪارڪنن ۽ وڪيلن طرفان فلسطيني مسلمانن جي حمايت ۽ اسرائيل جي مخالفت ۾ نعري بازي ڪئي وئي. ريلين کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته يوم القدس ڪو عام ڏينهن نه آهي، يوم القدس ظالم خلاف للڪار ۽ مظلوم جي فرياد جو ڏينهن آهي هي اهو ڏينهن آهي جنهن ڏينهن تي دنيا جا مظلوم پنهنجي بيوسي جا ڳوڙها اُگهي ظلم خلاف آواز اٿارڻ جو عزم ڪندا آهن .