خيرپورناٿن شاه (ن پ ا) خيرپورناٿن شاه شهر ۾ وڌندڙ حددخلين جو آزار وڌي ويو آهي پنڌ هلندڙ ماڻهو شاگرد شاگردياڻيون روڊن تان گذر ڪرڻ ۾ پريشان آهن. شهري واپاري سرپا احتجاج آهن پر انتظاميا ڪو به نوٽيس نه ورتو آهي، اليڪٽرڪ اينڊ اليڪٽرانڪس يونين جي سڏ تي دوڪانن اڳيان غير قانوني طور چنگچي رڪشا بيهارڻ ۽ دڪانن اڳيان روڊن تي صندل ريڙها رکرائڻ خلاف واپارين شهرين عدنان گاڏهي، عمران علي زنگيجو، امير گاڏهي، مسلم گاڏهي، درزي سماجي اڳواڻ محمد گاڏهي، ارشد ٻگهيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. هنن چيو ته شهر ۾ حددخلين جو آزار وڌي ويو آهي وڏي انگ ۾ چنگچي رڪشا روڊن تي بيهاري رڪشا ڊرائيور روڊن تي قبضو ڄمائي دوڪاندارن ايندڙ ويندڙ ماڻهن اسڪول ويندڙ ٻارن لاءِ آزار بڻيل آهن. اسين واپاري تنظيمن جا اڳواڻ سماجي اڳواڻ ڊي سي دادو, ايس ايس پي دادو، اي سي ڪي اين شاھ، مختيار ڪار، ڊي ايس پي خيرپورناٿن شاه جي روڊن تان غيرقانوني حددخليون چنگچي رڪشائن جو آزاد ختم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رهندو.