پشاور(م ڊ) خيبرپختونخوا جي مختلف علائقن ۾ سڪيورٽي فورسز جون انٽيليجنس بيسڊ ڪارروايون، ڀارتي تربيت يافته 9 خوارجي مارجي ويا، آءِ ايس پي آر چيو آهي ته ڊي آءِ خان ۾ فورسز هٿان 4 ڀارتي اسپانسرڊ خوارجي مارجي ويا، ٽانڪ ۾ آپريشن دوران ٻن دهشتگردن کي جهنم واصل ڪيو ويو، خيبر جي علائقي باغ ۾ 3 ڀارتي تربيت يافته دهشتگرد مارجي ويا، آپريشنز دوران مارجي ويل خوارجين جي قبضي مان هٿيار ۽ ڌماڪيدار مواد هٿ ڪيو ويو، مارجي ويل دهشتگرد ڪيترين ئي ڪاررواين ۾ ملوث هئا.