پشاور (م ڊ) خيبرپختونخوا ۾ ٻه ڀاڱي ٽي کان وڌيڪ اڪثريت حاصل ڪرڻ بعد پاڪستان تحريڪ انصاف صوبي ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ سرگرم آهي، جتي وزيراعليٰ جي ڊوڙ ۾ چار نالا شامل آهن. ذريعن موجب وزارت اعليٰ، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر ۽ وزارتن لاءِ نالن تي صلاح مشورا جاري آهن. علي امين گنڊا پور، شڪيل خان، ظاهر شاهه ۽ مشتاق غني جي نالي تي پي ٽي آءِ قيادت غور ويچار ڪري رهي آهي. ذريعن موجب ڊي آءِ خان مان پارٽي جي صوبائي صدر علي امين گنڊاپور، مردان مان ظاهر شاهه طورو، مالاڪنڊ مان شڪيل خان ۽ ايبٽ آباد مان مشتاق غني جا نالا وزير اعليٰ طور گردش ڪري رهيا اهن. پي ٽي آءِ جا سينئر اڳواڻ قومي اسيمبلي جو اڳوڻو اسپيڪر اسد قيصر ۽ سينئر اڳواڻ شڪيل خان يا ظاهر ساهه طورو مان ڪنهن هڪ کي وزيراعليٰ ڏسڻ جو خواهش مند آهي. ٻئي پاسي اڳوڻو صوبائي وزير تيمور جهڳڙا، ڪامران بنگش جي حمايت علي امين گنڊا پور جي پاسي آهي. اڄ خيبرپختونخوا جي وزارت اعليٰ جي حوالي سان ڪيترائي اڳواڻ مرڪزي قيادت سان ملاقات ڪندا. ان لاءِ ڪيترائي اڳواڻ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان سان جيل ۾ ملاقات لاءِ ڊڪ ڊوڙ ڪري رهيا آهن.